پلي، محمد عثمان

پلي، محمد عثمان: وڏيري محمد عثمان ولد حاجي نبي بخش پليءَ، 1925ع ڌاري ڳوٺ حاجي نبي بخش پليءَ ۾ جنم ورتو. هو سڄاڻ، روشن دماغ ۽ سماجي اڳواڻ هو. مشهور هاري اڳواڻ پير عبدالغفور سرهنديءَ سان گڏ ’سنڌ هاري ڪميٽيءَ‘ جي جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتائين. 1946ع ۾ پير صاحب جي چونڊن ۾ بيهڻ وقت هن محمد ابراهيم جويي، شيخ اياز ۽ ٻين اديبن سان گڏجي، ٿر ۾ سندس وڏي ورڪ ڪئي. ان ڪري ’ڪامريڊ‘ به سڏبو هو. شاعريءَ جو ماحول سندس خاندان ۾ موجود هو. هن ڪافيون، غزل ۽ بيت چيا. 1969ع ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو